SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


گوريلا جنگ-ڇاپي- مار لڙائي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


گوريلا جنگ-ڇاپي- مار لڙائي

Guerrilla Warfare

گريلا وارفيئر

بنيادي طور اسپيني ٻوليءَ جي هن لفظ جو لُغوي مطلب ”ننڍي لڙائي“ آهي ، جيڪو ارڙهين صدي عيسويءَ کان اسپيني آزادي پسندن طرفان ’نيپوليئن بوناپارٽ‘ خلاف ڪيل محدود لڙائين کان استعمال ۾ آهي . ان قسم جي حڪمت عمليءَ جو ذڪر عظيم چيني جنگي عالم’سُن زو‘ (781-722 ق.م ) اڄ کان صديون اڳ به ڪيو آهي . لڙائيءَ جي ان غير روايتي قسم ذريعي ڪو ننڍو پر تربيت ورتل هٿياربند گروهه اوچتن ڇاپن، مُهم – جُوئي ، نشاني تي آيل شخصن/تنصيبات کي ختم ڪري ڀڄي وڃڻ ، تباه ڪارين ۽ دهشت ذريعي وڏن فوجي دستن ۽ حڪومتن خلاف ڊگهيون ڪارروايون ڪري کين ٿڪائي هارائڻ واري حڪمت عمليءَ تي ڪم ڪندو آهي . ان قسم جي لڙائيءَ ذريعي چيني گهرو ڇڪتاڻ (1949-1927ع) ۾ ’مائُوزي تونگ‘ جي قيادت ۾ ، فيديل ڪاسترو ۽ چي گويرا جي سربراهيءَ ۾ ڪيوبا (1959-1956ع) ۾ ، هوچي منه ۽ جنرل گياپ جي سرواڻيءَ ۾ ويٽنامي آزاديءَ جي جنگ (1975-1955ع) دوران پاڻ کان سگهاري طاقت خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن قسم جي لڙائيءَ ۾ عوامي حمايت ، علائقو ۽ ويڙهاڪن جو جذبو وڏي اهميت رکي ٿو


Remember Me Also:

چشمڪ

ث. [ف] اکين جو اشارو. رَمزَ. رَنجش ، شڪَر رَنجِي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal